واشنگٽن – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واشنگٽن ۾ منعقد بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان خوشگوار ماحول ۾ غيررسمي ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي بحرين جي فرمانروا شاهه حماد بن عيسيٰ الخليفه، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف، قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف …
وزيراعظم شهباز شريف جي واشنگٽن ۾ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون
واشنگٽن – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واشنگٽن ۾ منعقد بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان خوشگوار ماحول ۾ غيررسمي ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي بحرين جي فرمانروا شاهه حماد بن عيسيٰ الخليفه، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف، قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف ۽ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان غيررسمي ملاقاتون ٿيون جن ۾ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن ملاقاتن دوران دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ٿي، مسڪراهٽن جي مٽاسٽا ٿي ۽ هڪ ٻئي جو احوال معلوم ڪيو ويو. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي بورڊ آف پيس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهي. پاڪستان جي بورڊ آف پيس ۾ شموليت غزه ۾ امن قائم ڪرڻ، نئين سر تعمير، عالمي امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ سفارتي پاليسي جي وڌندڙ ڪاميابين جي عڪاسي آهي.












