اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان آئين ۾ ڏنل انصاف، برابري ۽ انساني وقار جي اصولن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست ڪمزور طبقن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري رکيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سماجي انصاف جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام …
پاڪستان آئين ۾ ڏنل انصاف، برابري ۽ انساني وقار جي اصولن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان آئين ۾ ڏنل انصاف، برابري ۽ انساني وقار جي اصولن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ رياست ڪمزور طبقن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري رکيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سماجي انصاف جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سماجي انصاف جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل انصاف، برابري ۽ انساني وقار جي اصولن بابت پنهنجي عزم جي تجديد ڪريون ٿا. آئين جا آرٽيڪل 3، 37 ۽ 38 رياست کي پابند ڪن ٿا ته استحصال جو خاتمو ڪري، برابري کي يقيني بڻائي ۽ خاص طور تي ڪمزور طبقن، سمورن شهرين جي ڀلائي کي فروغ ڏي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت سماجي ۽ معاشي ڀلائي جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ بنا ڪنهن فرق جي خوراڪ، رهائش، لباس، تعليم ۽ طبي امداد جهڙين بنيادي ضرورتن تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. صدر چيو ته مالياتي دٻاءُ جي باوجود بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ جيڪا قائم ٿيڻ جي وقت 34 ارب رپيا هئي، وڌائي موجوده مالي سال ۾ 716 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ خاندانن جي معاونت ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان بيت المال، پاڪستان پاورٽي اليوي ايشن فنڊ، ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ذريعي پڻ اضافي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي. اهي قدم صحت، تعليم، رهائش، خوراڪ، بنا وياج جي قرضن ۽ ٻين بنيادي خدمتن تائين مفت پهچ فراهم ڪن ٿا جڏهن ته بزرگن، خصوصي ماڻهن، عورتن، نوجوانن، اقليتن ۽ کدڙن فقيرن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته صوبائي حڪومتون به صحت، تعليم، غذائيت، نوجوانن جي مهارتن جي ترقي، بزرگن جي ڀلائي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مالي شموليت جهڙن شعبن ۾ ٽارگيٽيڊ پروگرامن جي ذريعي وفاقي ڪوششن جي تڪميل ڪري رهيون آهن جن ۾ خيبرپختونخواهه ۾ يونيورسل هيلٿ انشورنس، پنجاب ۾ باهمت بزرگ پروگرام ۽ سنڌ ۾ بينظير وومين ايگريڪلچرل ورڪرز سپورٽ پروگرام شامل آهن. صدر چيو ته پاڪستان کي مهانگائي، موسمياتي تبديلي ۽ مالياتي دٻاءُ جهڙا چئلينجز درپيش آهن جيڪي گهٽ آمدني وارن خاندانن کي غيرمتناسب طور تي متاثر ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ٽارگيٽيڊ قدم غريب ترين طبقن کي سهارو فراهم ڪن ٿا تنهن هوندي به ضرورتن ۽ وسيلن جي وچ ۾ خال بدستور نمايان آهي. ان خال کي ڀرڻ جي لاءِ مسلسل سڌارن، عوامي وسيلن جي موثر استعمال ۽ صوبن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ ترقياتي حصيدارن سان مضبوط حصيداري جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سماجي انصاف جي لاءِ پاڪستان جو عزم گڏيل قومن جي منصفاڻي ۽ پرامن معاشرن جي ويزن سان هم آهنگ آهي، سماجي انصاف جي لاءِ خال کي ڀرڻ جي حمايت ڪريون ٿا، جيڪو غربت، اڻبرابري ۽ بيروزگاري جي خامي جي لاءِ جامع پاليسيون ۽ سماجي تحفظ جي فروغ تي زور ڏي ٿو ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي سماجي انصاف اڃا تائين هڪ نامڪمل مشن آهي. صدر چيو ته اهي قومون جيڪي مذهب، نسل يا قوميت جي بنياد تي قبضي، فرق يا محرومي جو شڪار آهن، بدستور مشڪلاتن ۾ آهن. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام منظم ڏاڍ ۽ معاشي محرومي کي منهن ڏئي رهي آهي. اهڙي طرح فلسطين جي عوام ڊگهي قبضي، ناڪابندي ۽ بنيادي حقن جي پائمالي کي منهن ڏئي رهي آهي، جبري بيدخلي، شهرين جي خلاف تشدد ۽ بنيادي آزادين کان محرومي ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته انصاف ۾ پسند ۽ ناپسند جي گنجائش ناهي هوندي. عالمي برادري کي گهرجي ته عالمي قانون جي پاسداري ڪري، گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي ۽ احتساب کي ممڪن بڻائي. هن چيو ته اچو اسان پاڪستان جي اندر ۽ ٻابر انصاف، برابري ۽ انساني وقار جي فروغ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هڪ منصفاڻو معاشرو، جيڪو جامع معاشي پاليسين ۽ ڪمزور طبقن جي نگهداشت جي سگهه ماڻيندو هجي، پاڪستان ان مستقبل جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو جتي سماجي انصاف رڳو هڪ تصور نه آهي پر هڪ عملي حقيقت هجي.












