واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارپيٽ مينوفيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد _19 فيبروري (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارڪپيٽ مينوفيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسي ايشن (پي سي ايم اي ) جي وفد ملاقات ڪئي . ملاقات ۾ هٿ سان ٺاهيل قالين جي روانگي واپار جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ سهولتن لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . وفد جي قيادت پيٽرن ان چيف عبدالطيف ملڪ ۽ سينيئر وائيس چيئرمين …

اسلام آباد _19 فيبروري (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارڪپيٽ مينوفيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسي ايشن (پي سي ايم اي ) جي وفد ملاقات ڪئي . ملاقات ۾ هٿ سان ٺاهيل قالين جي روانگي واپار جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ سهولتن لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . وفد جي قيادت پيٽرن ان چيف عبدالطيف ملڪ ۽ سينيئر وائيس چيئرمين عثمان اشرف ڪئي . هن وفاقي وزير کي قالين ٺاهيندڙ پورهيتن لاءِ گهربل ضروري وچولي قسم جي شين جي سپلائي ۾ رنڊڪ کان آگاهه ڪيو جنهن سبب روانگي واپار ڪندڙن کي عالمي آرڊرن جي تڪميل ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان سان مارڪيٽ شيئر ۽ مٽاسٽا جي ناڻي کي پڻ خطرو درپيش آهي . وفد آپريشنل رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ سپلائي چين کي هموار ڪرڻ  لاءِ حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو . ڄام ڪمال خان چيو ته هٿ سان ٺاهيل قالين سميت ويليو ايڊڊ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ واپار واري وزارت جي اولين ترجيح آهي . هن ڄاڻايل شعبي جي روزگار جي فراهمي ، خاص طورتي ٻهراڙي علائقن ۾ عورتن جي هٿ جي ڪم جي بااختياري ۽ پاڪستان جي روايتي هٿ جي ڪم کي محفوظ رکڻ ۾ اهم ڪردار تي روشني وڌي . هن وفد کي يقين ڏياريو ته سپلائي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ فعال قدم کنيا وڃن ، خاص طور تي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ادارن (ايم ايس ايم ايز ) تي ڌيان ڏنو ويندو . وفاقي وزير سيڪٽرل ڪائونسلن جي ماتحت منظم سيڪريٽريٽس قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو . هن  چيو ته اهڙن پليٽ فارمز کي ملڪ جي وسيع معاشي ۽ ترقياتي فريم ورڪ سان هم آهنگ ڪري ڊگهي مدي جي ترقي ۽ احتساب کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو . ڄام ڪمال خان پي سي ايم اي جي مسئلن کي فوري حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو . هن چيو ته ويليو ايڊڊ مينوفيڪچرنگ کي مضبوط ڪيو ويندو.