قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران ڪراچيءَ جي علائقي سولجر بازار ۾ رهائشي عمارت ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪراچيءَ جي علائقي سولجر بازار ۾ رهائشي عمارت ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي دل ڏکويل آهي، ان افسوسناڪ واقعي پوري قوم کي سوڳوار ڪيو آهي. اسپيڪر فوت ٿيل …

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪراچيءَ جي علائقي سولجر بازار ۾ رهائشي عمارت ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي دل ڏکويل آهي، ان افسوسناڪ واقعي پوري قوم کي سوڳوار ڪيو آهي. اسپيڪر فوت ٿيل جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏُکويل خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعاڳو آهيان. هن هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ادارا زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪن. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرماءِ ۽ پونئيرن کي اهو ڏُک برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.