نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سان برطانيا جي پرڏيهي وزير جي ملاقات

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي پرڏيهي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملا يوويٽ ڪوپر سان ملاقات ڪئي جنهن اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان اهم اجلاس …

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي پرڏيهي وزير، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملا يوويٽ ڪوپر سان ملاقات ڪئي جنهن اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان اهم اجلاس جي انعقاد تي سندس ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو. هن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، خاص طور تي عوامي سطح تي رابطن جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڳالهه ٻولهه، گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي فريم ورڪ سميت موثر تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.