چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي لبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل خليفه بالقاسم حفتر ۽ ڊپٽي ڪمانڊر انچيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر سان ملاقات

راولپنڊي-19 فيبروري (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لبيا جي سرڪاري دوري دوران  لبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل خليفه بالقاسم حفتر ۽ ڊپٽي ڪمانڊر انچيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر سان ملاقات ڪئي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو لبيا پهچڻ تي لبيا جي فوج …

راولپنڊي-19 فيبروري (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لبيا جي سرڪاري دوري دوران  لبيا جي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل خليفه بالقاسم حفتر ۽ ڊپٽي ڪمانڊر انچيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر سان ملاقات ڪئي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو لبيا پهچڻ تي لبيا جي فوج جي چست جٿي فيلڊ مارشل کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. فيلڊ مارشل ۽ خليفه حفتر وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي ۽ عسڪري سهڪار کي وڌائڻ وارن طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سکيا، ڪارڪردگي ۾ اضافي ۽ دهشتگردي ۾ خاتمي وارن شعبن ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گڏيل مفادن جي بنياد تي لبيا سان دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. فيلڊ مارشل خليفه حفتر پاڪ فوج جي پيشيوراڻن مهارتن جي ساراهه ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.