اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان اڳيان وڌي رهيو آهي، ڊجيٽل بئنڪ ۽ فِن ٽيڪ ادارا مالي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اها ڳالهه هن ناڻي واري وزارت ۾ اينٽ انٽرنيشنل ۽ ايزي پيئسه ڊجيٽل بئنڪ جي اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد ۾ …
پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان اڳيان وڌي پيو، ڊجيٽل بئنڪ ۽ فِن ٽيڪ ادارا مالي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان اڳيان وڌي رهيو آهي، ڊجيٽل بئنڪ ۽ فِن ٽيڪ ادارا مالي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اها ڳالهه هن ناڻي واري وزارت ۾ اينٽ انٽرنيشنل ۽ ايزي پيئسه ڊجيٽل بئنڪ جي اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد ۾ اينٽ انٽرنيشنل (Ant International)جو صدر ۽ اينٽ گروپ جو سينئر نائب صدر، ايزي پئسه ڊجيٽل بئنڪ جو چيئرمين ۽ صدر شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ، ڪيش ليس نظام جي توسيع ۽ مالي شموليت کي اڳيان وڌائڻ بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان اڳيان وڌي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت جي سطح تي مضبوط هم آهنگي قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڊجيٽل بئنڪس ۽ فِن ٽيڪ ادارا مالي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. خاص طور تي انهن طبقن لاءِ جيڪي هن وقت تائين رسمي بئنڪاري نظام کان ٻاهر رهيا آهن. هن زور ڀريو ته ننڍن آبادگارن ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ قرضن ۽ مالي سهولتن جي فراهمي ۾ ڊجيٽل پليٽ فارم اهميت رکن ٿا. حڪومت زرعي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ ڊجيٽل حل ذريعي رسائي ۽ شفافيت وڌائڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي اينٽ انٽرنيشنل جي صدر پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اينٽ انٽرنيشنل ۽ اينٽ گروپ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته اينٽ گروپ چين ۽ ٻين ايشيائي ملڪن مان حاصل ڪيل تجربن، ٽيڪنالاجي ۽ مهارتن کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي. جڏهن ته ايزي پئسه کي ڊجيٽل بئنڪ جو لائسنس ملڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي جنهن سان ڊجيٽل ادائيگين، ڪيش ليس ڏيتي ليتي ۽ جديد مالي خدمتن کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي عام شهرين کي محفوظ ۽ گهٽ مدي واري سرڪاري سيڪيورٽيز ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان نظام ۾ شفافيت وڌندي ۽ خانگي شعبي لاءِ مالي گنجائش پيدا ٿيندي. ايزي پئسه ڊجيٽل بئنڪ جي چيئرمين چيو ته سندن ادارو هاڻي ادائيگين جي نظام کان اڳيان وڌي بچت، سيڙپڪاري ۽ ٻين مالي خدمتن طرف اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته صارفين جي مالي آگاهي ۽ اعتماد ۾ اضافو ان سفر جو هڪ اهم جزو آهي جنهن لاءِ لڳاتار تعليم ۽ ساديون ڊجيٽل مصنوعات متعارف ڪرايون پيون وڃن. وفد ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته ڊجيٽل چئنلز ذريعي مالي خدمتن جي رسائي نه رڳو آسان بڻائي سگهجي پر ان سان رسمي معيشت کي پڻ هٿي ملندي. ملاقات ۾ ورچوئل اثاثن ۽ نئين مالي ٽيڪنالاجي تي به پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات جي پڄاڻي تي ڌرين ڊجيٽل ادائيگين، مالي شموليت، سيڙپڪارن جي موقعن ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويجهو سهڪار جاري ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير وفد جي تجويزن جي ساراهه ڪندي چيو ته لاڳاپيل ادارن سان گڏجي انهن تي غور ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت جو سفر تيز ۽ اثرائتو بڻائي سگهجي.











