وڪيل برادري جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيل برادري جي درپيش  مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل عملدارن سان مشاورت ذريعي عمل جوڳن قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ڊويزن جي مختلف بار ايسوسئيشنز جي نون چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات …

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وڪيل برادري جي درپيش  مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل عملدارن سان مشاورت ذريعي عمل جوڳن قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ڊويزن جي مختلف بار ايسوسئيشنز جي نون چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران هر بار ايسوسيئيشن جي درپيش پيشيوراڻن، انتظامي ۽ سهولتي مسئلن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. نون چونڊيل نمائندن پنهنجين لاڳاپيل بارز جي مسئلن ۽ تجويزن کان وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير بار جي نمائندن جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ يقين ڏياريو ته وڪيل برادري سان رابطن کي برقرار رکيو ويندو ته جيئن انصاف جي فراهمي واري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.