جي ڊي پي ۾ نجي شعبي جي قيادت ۾ اوسر جي حوالي سان حالتون سازگار بڻايون ويون آهن: خرم شهزاد

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ نجي شعبي جي قيادت ۾ اوسر جي حوالي سان حالتون سازگار بڻايون ويون آهن، زراعت، مينوفيڪچرنگ، واپار، لاجسٽڪ ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن کي قرضن جي فراهمي سان اقتصادي سرگرمين ۾ تيزي اچي رهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو …

اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ نجي شعبي جي قيادت ۾ اوسر جي حوالي سان حالتون سازگار بڻايون ويون آهن، زراعت، مينوفيڪچرنگ، واپار، لاجسٽڪ ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن کي قرضن جي فراهمي سان اقتصادي سرگرمين ۾ تيزي اچي رهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اها ڳالهه بهتر آهي ته حڪومت کي قرضن جي فراهمي بدران وڌيڪ قرض نجي شعبي جي سرگرمين طرف منتقل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته جنوري ۾ نجي شعبي کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 7 سيڪڙو سالياني اضافي سان 10.6 کرب رپين تائين پهچي چڪو آهي، نجي شعبي جي ڪاروبار کي قرضن جي فراهمي ۾ ساليانو بنيادن تي 5.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، زرعي قرضن ۾ اضافي جي شرح 36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، موٽر سازي جي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ 62 سيڪرو، هول سيل اينڊ ريٽيل ۾ 41 سيڪڙو ۽ ٽرانسپورٽ ۽ اسٽوريج شعبن کي قرضن جي فراهمي ۾ سالياني بنيادن تي 55 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. خرم شهزاد چيو ته زرعي شعبي ۾ ڪپهه جي فصل لاءِ قرض 217 سيڪڙو اضافي کانپوءِ 19.8 ارب روپيا، ڪڻڪ 23 سيڪڙو اضافي کانپوءِ 33.9 ارب روپيا، چانور 114 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 31.1 ارب روپيا، پولٽري 24.3 ارب روپيا ۽ ڪمند جي فصل لاءِ فراهم ڪيل قرض 47 سيڪڙو اضافي کانپوءِ 8.9 ارب روپين تائين پهچي ويا آهن. هن چيو ته قرضن ۾ پکيڙ مختلف شعبن تائين پکڙجي رهي آهي، زراعت، مينوفيڪچرنگ، واپار، لاجسٽڪ ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن جي قرضن جي فراهمي سان اقتصادي سرگرمين ۾ تيزي اچي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، ڊسمبر ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ ماهوار بنيادن تي 9.3 سيڪڙو ۽ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ سالياني بنيادن تي 4.8 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هاڻوڪي حڪومتي قدم، ٽيرف ۾ گهٽتائي، ايڪسپورٽ ماليات ۾ اضافو ۽ ايڪسپورٽ ترقياتي سرچارج جي خاتمي کانپوءِ جاري مالي سال ۾ نجي شعبي جي اقتصادي اوسر لاءِ سمورين تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن.