گڏيل قومون – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان پاران فلسطينين جي اڻٿڪ حمايت ڪندي اولهندي ڪناري تي اسرائيل جي تازي غيرقانوني قدمن بشمول الحاق جي ڪوششن، بستين جي قيام ۽ فلسطينين جي زمينن کي ”رياستي زمين“ قرار ڏيڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته انصاف کانسواءِ پائيدار امن ممڪن نه آهي، فلسطيني عوام کي خودمختياري جو …
اولهندي ڪناري تي اسرائيل جي تازي غيرقانوني قدمن بشمول الحاق جي ڪوششن، بستين جي قيام ۽ فلسطينين جي زمينن کي ”رياستي زمين“ قرار ڏيڻ جي سخت مذمت ڪريون ٿا: اسحاق ڊار

مزید خبریں
گڏيل قومون – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان پاران فلسطينين جي اڻٿڪ حمايت ڪندي اولهندي ڪناري تي اسرائيل جي تازي غيرقانوني قدمن بشمول الحاق جي ڪوششن، بستين جي قيام ۽ فلسطينين جي زمينن کي ”رياستي زمين“ قرار ڏيڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته انصاف کانسواءِ پائيدار امن ممڪن نه آهي، فلسطيني عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ کانسواءِ ڪو حل نه آهي، پاڪستان مستقل جنگبندي، امداد ۾ اضافي، غزه جي نئين سر تعمير ۽ ٺوس سفارتڪاري جي ذريعي فلسطيني عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي حمايت جي لاءِ بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وچ اوڀر بشمول فلسطين مسئلي تي ٿيندڙ بريفنگ ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غزه ۾ جنگبندي کي مستحڪم بڻائڻ، شهرين جي تڪليف کي گهٽ ڪرڻ ۽ غزه تڪرار جي خاتمي جي جامع منصوبي تي عملدرآمد جي جاري سفارتي ڪوششن کي اجاگر ڪيو جنهن جي توثيق سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 جي ذريعي ڪئي وئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ امن قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان انڊونيشيا، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، قطر، اردن، مصر ۽ ترڪيه سميت 8 عرب اسلامي ملڪن جي گروپ سان گڏجي منصفاڻي حل جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اولهندي ڪناري تي اسرائيل جي تازي غيرقانوني قدمن بشمول الحاق جي ڪوششن، بستين جي قيام جي فروغ ۽ زمينن کي ”رياستي زمين“ قرار ڏيڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهي قدم عالمي قانون، چوٿين جنيوا ڪنوينشن، سلامتي ڪائونسل جي قراراداد 2334 ۽ 2024ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي خلاف ورزي آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار غزه ۾ اسرائيل پاران جنگبندي جي بار بار خلاف ورزين تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل قومن جي آفيسن ۽ ٺڪاڻن تي حملن، انساني امداد تي پابندين ۽ امدادي سرگرمين ۾ رڪاوٽن جي مذمت ڪندي صورتحال کي ناقابل قبول ۽ انتهائي نازڪ قرار ڏنو. هن چيو ته 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي القدس الشريف کي گادي وارو شهر بڻائيندي فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ قابل اعتماد، ناقابل واپسي ۽ وقت جي تعين سان سياسي عمل لازمي آهي جيڪو عالمي جواز ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب هجي.











