نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي جي ملاقات

نيويارڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن …

نيويارڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي رابطي جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هن غزه، اولهندي ڪناري ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي قانونن جي پاسداري ۽ فوري ۽ بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.