نيويارڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان شام جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي ابراهيم اولابي فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم شام ۾ استحڪام ۽ قومي يڪجهي جي فروغ جي لاءِ تازي مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان شام جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي ابراهيم اولابي جي ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان شام جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي ابراهيم اولابي فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم شام ۾ استحڪام ۽ قومي يڪجهي جي فروغ جي لاءِ تازي مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان تي موثر عملدرآمد سان امن، اتحاد ۽ شام جي علائقائي سالميت کي سگهه ملندي. هن عالمي قانون، خودمختياري ۽ موجوده معاهدن جي احترام بابت پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي واعدن جون خلاف ورزيون علائقائي استحڪام کي نقصان پهچائين ٿيون ۽ ان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب منهن ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي شام جي گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندي ابراهيم اولابي پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت کي ساراهيندي نائب وزيراعظم کي شام ۾ استحڪام ۽ قومي مفاهمت جي لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو.











