اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي سگهه ۽ مضبوطي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ فلسطين بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي سگهه ۽ مضبوطي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال خاص طور تي غزه ۽ اولهندي ڪناري جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين ۾ منصفاڻي، پائيدار ۽ جامع امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ويجهي تعاون تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل سال ڊسمبر ۾ انڊونيشيا جي صدر پروبوو سوبيانتو جي ڪامياب پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي دوري جي خصوصي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته دوري سان ٻطرفي تعاون کي نئين تحريڪ ملي ۽ ان سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ حاصل ٿيندڙ مسلسل اڳڀرائي جي عڪاسي ٿئي ٿي.











