خديجه الڪبريٰ امام بارگاهه ترلائي اسلام آباد جي شهيدن جي گهرڀاتين لاءِ وزيراعظم شهباز شريف پاران اعلان ڪيل امدادي رقم جا چيڪ پيش ڪيا ويا

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) خديجه الڪبريٰ امام بارگاهه ترلائي اسلام آباد تي 6 فيبروري تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اعلان ڪيل امدادي رقم جا چيڪ پيش ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد سان تعلق رکندڙ 36 شهيدن جي وارثن کي امدادي چيڪس پهچايا ويا، هر شهيد جي وارثن کي …

اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) خديجه الڪبريٰ امام بارگاهه ترلائي اسلام آباد تي 6 فيبروري تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اعلان ڪيل امدادي رقم جا چيڪ پيش ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد سان تعلق رکندڙ 36 شهيدن جي وارثن کي امدادي چيڪس پهچايا ويا، هر شهيد جي وارثن کي 50 لک رپين جو چيڪ ڏنو ويو، تونسه شريف، تله گنگ، استور ۽ اسڪردو سا تعلق رکندڙ 4 شهيدن جي پونئيرن کي چيڪس پهچايا پيا وڃن. وزيراعظم 11 فيبروري تي ترلائي امام بارگاهه جي دوري جي موقعي تي شهيد جي وارثن جي لاءِ 50 لک رپين جي امدادي رقم جو اعلان ڪيو هو.