اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي سولجر بازار ۾ عمارت ڪِري پوڻ ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. هن ريسڪيو آپريشن کي …
صدر آصف علي زرداري پاران ڪراچي جي سولجر بازار ۾ عمارت ڪِري پوڻ ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي سولجر بازار ۾ عمارت ڪِري پوڻ ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان افسوسناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. هن ريسڪيو آپريشن کي فوري ۽ موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي. صدر سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته عمارتن جي جانچ، گئس سلينڊرز جي حفاظت ۽ بلڊنگ ڪوڊز تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته صوبائي حڪومت واقعي جي هر رخ کان انڪوائري ڪري ۽ اڳتي اهڙن واقعن جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي وڃي.











