اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ افغان سفارتخاني جي ناظم الامور کي گذريل ڏينهن طلب ڪري 16 فيبروري تي باجوڙ ۾ پيش ايندڙ دهشتگرد حملي جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت کي سخت احتجاجي خط (ڊي مارش) پهچايو، ان دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ 11 پاڪستاني فوجي جوان شهيد ٿيا. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان باجوڙ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو …
پرڏيهي آفيس پاران افغان سفارتخاني جو ناظم الامور طلب، 16 فيبروري تي دهشتگرد حملي بابت افغان عبوري حڪومت کي سخت احتجاجي خط (ڊي مارش) پهچايو

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ افغان سفارتخاني جي ناظم الامور کي گذريل ڏينهن طلب ڪري 16 فيبروري تي باجوڙ ۾ پيش ايندڙ دهشتگرد حملي جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت کي سخت احتجاجي خط (ڊي مارش) پهچايو، ان دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ 11 پاڪستاني فوجي جوان شهيد ٿيا. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان باجوڙ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چوڪيءَ تي گاڏي ۾ لڳل خودڪش بم حملي جنهن کانپوءِ هٿياربند فائرنگ جي ڪارروائي پڻ ڪئي وئي، جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي، اهو حملو فتنه الخوارج/ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاران ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته فتنه الخوارج / ٽي ٽي پي جنهن جي قيادت افغانستان ۾ موجود آهي، افغان سرزمين تان بنا روڪ ٽوڪ سرگرم عمل آهي. ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان کي افغان عبوري حڪومت پاران ڪيترن موقعن تي خاطريون مليون تنهن هوندي به ان جي باوجود ڪو نمايان، ٺوس ۽ قابل تصديق قدم سامهون نه آيو. افغان عبوري حڪومت کي واضح طور تي آگاهه ڪيو ويو ته هو پنهنجي سرزمين تان سرگرم سمورن دهشتگرد گروهن بشمول انهن جي قيادت جي خلاف فوري، موثر، ٺوس ۽ قابل تصديق قدم يقيني بڻائي. وڌيڪ اهو ته افغان عبوري حڪومت کي واضح انداز ۾ آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي فوجين، شهرين ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فتنه الخوارج /ايف اي ڪي) سان واڳيل عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف جتي به اهي موجود هوندا، ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.











