حڪومت هن سال حج تي ويندڙ حاجين کي کائڻ پيئڻ، رهائش، ٽرانسپورٽ جون هڪجهڙيون ۽ معياري سهولتون فراهم ڪندي: سردار محمد يوسف

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف حج 2026ع لاءِ ڀلي پار ويندڙن جي اعليٰ معيار جي تربيت کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت هن سال حج تي ويندڙ حاجين کي کائڻ پيئڻ، رهائش، ٽرانسپورٽ جون هڪجهڙيون ۽ معياري سهولتون فراهم ڪندي، اسان جا تربيت وٺندڙ پاڪستاني حاجين جي خدمت، سعودي ريگيوليشن جي عين مطابق نظم و ضبط …

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف حج 2026ع لاءِ ڀلي پار ويندڙن جي اعليٰ معيار جي تربيت کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت هن سال حج تي ويندڙ حاجين کي کائڻ پيئڻ، رهائش، ٽرانسپورٽ جون هڪجهڙيون ۽ معياري سهولتون فراهم ڪندي، اسان جا تربيت وٺندڙ پاڪستاني حاجين جي خدمت، سعودي ريگيوليشن جي عين مطابق نظم و ضبط ۽ امڪاني چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هو حج ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ حج 2026ع ۾ چٽاڀيٽي عمل ذريعي ڪامياب قرار ڏنل حاجي خادمين جي 10 ڏينهن واري تربيت مڪمل ٿيڻ تي سرٽيفڪيٽس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. مذهبي معاملن واري وزارت جي سي ايف او ڪوآرڊينيٽر خادم ذوالفقار خان، ڊائريڪٽر حج ڪامپليڪس اسلام آباد قاضي سميع الرحمان سميت وزارت جا ٻيا عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ اوهان کي هڪ عظيم ذميداريءَ لاءِ چونڊيو آهي. هن سال اٽڪل 38 هزار اميدوارن مان اوهان اهي 800 خوش نصيب عورت ۽ مرد آهيو جن کي ”حاجين جي خدمت“ جو موقعو مليو آهي. هي فقط هڪ ڊيوٽي نه پر هڪ وڏو اعزاز آهي، ڇاڪاڻ ته الله جي مهمانن جي خدمت سان گڏوگڏ عمري ۽ نمازن جي سعادت به نصيب ٿيندي. جهڙيءَ طرح سعودي فرمانروا پاڻ لاءِ ”خادم الحرمين الشريفين“ جو لقب فخر جوڳو سمجهي ٿو اهڙيءَ طرح حاجين جي خدمت ڪرڻ اوهان لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي. چيو وڃي ٿو ته ”عبادت سان جنت ملي ٿي پر خدمت سان الله ملي ٿو.“ هڪ عام شخص جي عبادت سندس لاءِ هوندي آهي، پر حاجين جي خدمت اهڙي عبادت آهي جنهن جو ثواب ۽ مقام الله جي رضا سبب حاجي کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان جي وزارت جو رڪارڊ هميشه شاندار رهيو آهي. 2013ع کان 2018ع دوران اسان پنج معياري حج ڪرايا ۽ گذريل سال به اسان جي بهترين ڪارڪردگي تي سعودي حج وزارت اسان کي ايڪسيلينس ايوارڊ سان نوازيو، جڏهن ته وزيراعظم به اسان جي وزارت کي تعريفي شيلڊ ڏني. هن سال عورت حاجين جي بهتر معاونت لاءِ اسان عورت اسٽاف جو انگ به 45 مان وڌائي 85 ڪيو آهي. وزارت جي، سي ايف او ڪوآرڊينيٽر ذوالفقار خان چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ 2013ع کان 2018ع دوران 5 سال ٿيل حج ڪامياب رهيا، اسان وڌيڪ بهتر تيارين سان حج 2026ع طرف وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته سعودي حڪومت جي قانونن ۽ رولز کي نظر ۾ رکندي اسان اين ٽي سي ٽيسٽ ذريعي ڪامياب قرار ڏنل حاجين جي خادمن لاءِ جديد ترين ماڊلز ذريعي تربيت مڪمل ڪرائي آهي. ان گڏيل تربيت ۾ هر پهلو کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، اسان پُراميد آهيون ته هن سال حج مشن پهريان کان وڌيڪ بهتر ۽ فعال ڪردار سان نظر ايندو.