گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا ماڻهو اسان جي سرحدن جا محافظ آهن: امير مقام

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا ماڻهو اسان جي سرحدن جا محافظ آهن کين جيتريون سهولتون ڏبيون اهي گهٽ آهن. مسلم ليگ (ن) جي بي سان گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪري، ايندڙ وقت هتي مضبوط حڪومت بنائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهن کي شامل ڪن، گلگت بلتستان ۾ ترقياتي ڪمن …

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا ماڻهو اسان جي سرحدن جا محافظ آهن کين جيتريون سهولتون ڏبيون اهي گهٽ آهن. مسلم ليگ (ن) جي بي سان گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪري، ايندڙ وقت هتي مضبوط حڪومت بنائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهن کي شامل ڪن، گلگت بلتستان ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائينداسين، عوامي مسئلن جو حل حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏيو، جي بي کي عالمي سياحت جو مرڪز بڻائينداسين. هو حافظ حفيظ الرحمان، حاجي تابان سميت ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي جي بي، جي مرڪزي اڳواڻن مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير نَون شامل ٿيندڙن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اهي جيڪي اميدون کڻي آيا انهن کي مايوس نه ڪنداسين ۽ انهن جي اعتماد تي پورا لهنداسين. سياست خدمت جي جذبي جو نالو آهي، ان لاءِ نيڪ نيتي ضروري آهي، ڪنهن جي ڪم اچڻ تي الله به مدد ڪندو آهي، سياست ۾ اهوئي ڪامياب هوندو جنهن ۾ جذبو هوندو. هن چيو ته سياست هڪ مقصد لاءِ هوندي آهي، ان جي استعمال عوام جي ڀلائيءَ لاءِ هجن ته ان جو اجر به ملي ٿو. هن چيو ته ڪنهن جي محنت ضايع نٿي وڃي، هڪ وقت ۾ ان جو صِلو ضرور ملي ٿو. امير مقام چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته جيڪا ذميداري ملي ان کي نڀايون، مان پارٽيءَ لاءِ ڪم ڪريان ٿو، وزارت کي به ان مقصد لاءِ ورتو آهي ته جيئن عوام جي خدمت ڪري سگهان. هن چيو ته جي بي، جي پارٽي کي آزاد ڪشمير جي پارٽيءَ سان گڏ چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، جي بي جي سياسي اڳواڻ وڌيڪ محنت ڪن ۽ ماڻهن کي شامل ڪن. هن چيو ته نواز شريف جي ڪارڪردگي ۽ قربانيون بي مثال آهن، جي بي ۾ اسان جي دؤرن ۾ تمام گهڻا ڪم ٿيا، انهن کي ڪڍي ڇڏجي ته پويان ڪجهه نٿو رهي. هن چيو ته جي بي جي نوجوانن سميت سڀني کي اهو ڏسڻو پوندو ته ڪنهن هتان جي خدمت ڪئي. پي ٽي آءِ باني به سياست ۾ آيو ته هن قوم کي خواب ڏيکاريا، اسان جي قيادت اوهان جي مسئلن کي پنهنجو مسئلو سمجهي ٿو. هو جي بي جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي بي جي نوجوانن کي موقعن جي فراهمي لاءِ دانش اسڪول ڏنا، ليپ ٽاپ ڏنا، هتي صلاحيت بي شمار آهي کين موقعن ۾ تبديل ڪرڻو آهي. امير مقام چيو ته اسان جي خواهش آهي ته جي بي سياست جو مرڪز بڻجي. چترال، شندور روڊ منصوبو وفاق جو هڪ تحفو آهي اهو مڪمل ٿي رهندو، ان سان سياحت ۾ نمايان اضافو ٿيندو. اسان جي خواهش آهي ته سي پيڪ جو حصو بڻجي. اهو ڪم صرف (ن) ليگ ئي ڪري سگهي ٿي. جي بي جي عوام کي موقعو مليو آهي ان کي ڪيش ڪرائڻو پوندو. عوام سوچي ته ڪنهن جي چونڊ ڪرڻي آهي ۽ جنهن جي چونڊ ڪجي، اها ڪهڙو ڪم ڪندي. هن چيو ته جي بي جا نوجوان پنهنجي شاندار مستقبل لاءِ (ن) ليگ جو ساٿ ڏين. اسان عوام مان آهيون، نواز شريف ڪجهه ڏينهن ۾ مظفر آباد جو دؤرو ڪري رهيو آهي، عيد کان پوءِ گلگت بلتستان جو به دؤرو ڪندو، ساڻس مريم نواز به گڏ هوندي. هن چيو ته هنزه جي اضافي سيٽ صحيح مطالبو آهي، زندگي رهي ته آئينده اهي تڪ ضرور هوندا، اسان جي بي جي عوام سان گڏ آهيون.