ڍاڪا-18 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته جٽادار استحڪام ئي ترقي، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري اعتماد جو اصل بنياد آهي. ڍاڪا جي واپار ۽ صنعت واري ايوان ۾ هڪ نهايت نتيجو ڏيندڙ ۽ ڏور رس اهميت رکندڙ ويهڪ منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ معاشي سهڪار کي مضبوط، فعال ۽ نتيجو ڏيندڙ ڀائيواريءَ ۾ ڳنڍڻ …
جٽادار استحڪام ئي ترقي، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري اعتماد جو اصل بنياد آهي: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
ڍاڪا-18 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته جٽادار استحڪام ئي ترقي، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري اعتماد جو اصل بنياد آهي. ڍاڪا جي واپار ۽ صنعت واري ايوان ۾ هڪ نهايت نتيجو ڏيندڙ ۽ ڏور رس اهميت رکندڙ ويهڪ منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ معاشي سهڪار کي مضبوط، فعال ۽ نتيجو ڏيندڙ ڀائيواريءَ ۾ ڳنڍڻ لاءِ سنجيده ۽ جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته هن وزيراعظم شهباز شريف طرفان بنگلاديش جي جمهوري ڪاميابيءَ تي مبارڪون ۽ نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو ۽ ان حقيقت تي زور ڀريو ته جٽادار استحڪام ئي ترقي، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري اعتماد جو اصل بنياد آهي. هن ٻُڌايو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جي وسيع امڪانن تي ڳالهيون ٿيون ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته گڏيل مارڪيٽن، عالمي چٽاڀيٽي ۾ نمايان ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. زرعي شعبو، معلومات ٽيڪنالاجي، دواسازي، ڪپڙن جي صنعت، بحري چُرپر ۽ گڏيل رابطن کي ترجيحي شعبن جي طور تي نمايان ڪيو ويو، جتي فوري ۽ عمل اڳڀرائيءَ جي گنجائش موجود آهي. هن سڌيءَ ريت اُڏامن جي آجيان ڪندي رابطا ڪاري کي معاشي ترقيءَ جو بنيادي محرڪ قرار ڏنو. مال بردار جي روانگي واپار ۽ رسد جي دورانيي کي هڪ اهم چئلينج طور اجاگر ڪندي ڪراچي- چٽاگانگ سڌيءَ ريت سامونڊي رستي جي تجويز پيش ڪئي وئي ته جيئن خرچن ۾ گهٽتائي ۽ واپاري سرگرمين ۾ تيزي آڻي سگهجي. وفاقي وزير موجب آمريڪا، يورپي اتحاد ۽ چين جهڙين وڏين مارڪيٽن لاءِ گڏيل روانگي واپار ۽ رسدي سلسلي ۾ هم آهنگيءَ تي به زور ڏنو ويو. ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي ان ڀائيواريءَ جو مرڪز قرار ڏنو ويو جڏهن ته واپار واري ايوان کي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين وچ ۾ مضبوط ۽ رابطا ڪار تسليم ڪيو ويو. هن پاڪستان بنگلاديش واپاري فورم جي قيام جي تجويز به پيش ڪئي، جيڪا ڍاڪا ۽ پاڪستان ۾ منعقد ٿئي ۽ موقعي تي ٻه طرفي اداره جاتي ڍانچي جي شروعات سان فوري رابطا ڪاري جو عمل شروع ڪيو ويو. احسن اقبال گڏيل خوشحالي، علائقائي استحڪام ۽ پائيدار ترقيءَ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته مضبوط معاشي ڀائيواري ئي هڪ محفوظ، مستحڪم ۽ روشن مستقبل جي حقيقي ضمانت آهي.











