اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي بيماري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪامياب اينجيو پلاسٽي تي الله تعالي جو شڪر ادا ڪيو آهي ۽ سندس جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي هڪ پيغام هن چيو ته الله تعالي خواجه سعد رفيق کي صحت ڪامله عطا فرمائي ۽ انهن کي ڀرپور توانائي سان عوامي …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي بيماري تي ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي بيماري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪامياب اينجيو پلاسٽي تي الله تعالي جو شڪر ادا ڪيو آهي ۽ سندس جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي هڪ پيغام هن چيو ته الله تعالي خواجه سعد رفيق کي صحت ڪامله عطا فرمائي ۽ انهن کي ڀرپور توانائي سان عوامي خدمت جاري رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته مون سميت پوري قوم خواجه سعد رفيق جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. هن، خواجه سعد رفيق جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ساراهيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو جلد صحتياب ٿي ٻيهر قومي خدمت انجام ڏيندو.











