اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وچ اوڀر خاص طور تي فلسطين مسئلي بابت بريفنگ ۾ پاڪستان جو قومي بيان پيش ڪندو. سلامتي ڪائونسل جو هي اجلاس برطانوي پرڏيهي وزير جي صدارت ۾ ٿيندو. نائب وزيراعظم سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وچ اوڀر خاص طور تي فلسطين مسئلي بابت بريفنگ ۾ پاڪستان جو قومي بيان پيش ڪندو. سلامتي ڪائونسل جو هي اجلاس برطانوي پرڏيهي وزير جي صدارت ۾ ٿيندو. نائب وزيراعظم سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ڪيتريون ئي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو، هو مصر، اردن ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو جڏهن ته برطانيا جي پرڏيهي وزير سان پڻ سندس ملاقات متوقع آهي. نائب وزيراعظم سان گڏيل قومن ۾ فلسطين جو مستقل مبصر سفير رياض منصور پڻ ملاقات ڪندو. گڏيل قومن ۾ پنهنجي مصروفيتن جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم واشنگٽن ڊي سي روانو ٿيندو ته جيئن وزيراعظم جي وفد ۾ شامل ٿي سگهي.











