پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو، پهريون روزو اڄ خميس (19 فيبروري تي) ٿيندو

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت، پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو باقاعده نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ پهريون روزو اڄ خميس 19 فيبروري 2026ع تي ٿيندو. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اهم اجلاس اربع ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ پشاور ۾ منعقد ٿيو، جڏهن …

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت، پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو باقاعده نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ پهريون روزو اڄ خميس 19 فيبروري 2026ع تي ٿيندو. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اهم اجلاس اربع ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ پشاور ۾ منعقد ٿيو، جڏهن ته اسلام آباد سميت چنڊ ڏسڻين ڪميٽين به مرڪزي هنڌن تي چنڊ ڏٺو. جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن مطابق ملڪ جي مختلف حصن مان چنڊ نظر اچڻ جي شاهدين کانپوءِ رمضان المبارڪ 1447 هجري جي شروعات جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان اعلان سان گڏ ئي سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ اربع جي رات کان تراويح نماز جو انتظام شروع ٿي ويو.