پشاور-18 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان هدايت الله ايڊووڪيٽ جي قيادت ۾ بنون ۽ وزيرستان سان تعلق رکندر قبائلي اڳواڻن جي وفد پشاور ۾ ملاقات ڪئي ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن ۽ درپيش مشڪلات جي حوالي سان آگاهه ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق وفد قبلائلي علائقن کي درپيش مسئلن، ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن جي سستي ۽ بنيادي سهولتن …
خيبر پختونخوا جي گورنر سان قبائلي اڳواڻن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
پشاور-18 فيبروري (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان هدايت الله ايڊووڪيٽ جي قيادت ۾ بنون ۽ وزيرستان سان تعلق رکندر قبائلي اڳواڻن جي وفد پشاور ۾ ملاقات ڪئي ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن ۽ درپيش مشڪلات جي حوالي سان آگاهه ڪيو. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق وفد قبلائلي علائقن کي درپيش مسئلن، ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن جي سستي ۽ بنيادي سهولتن جي گهٽتائي بابت آگاهه ڪيو. گورنر چيو ته ضم ٿيل ضلعن جي پائيدار ترقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ هتي جي عوام کي برابر جا حق ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. گورنر چيو ته قبائلي علائقن جي عوام هميشه ملڪي سلامتي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن جي جائز مطالبن کي نظر انداز نه ڪيو ويندو. وفد مسئلا غور سان ٻڌڻ ۽ هاڪاري خاطري تي گورنر جو شڪريو ادا ڪيو.











