اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) رمضان المبارڪ 1447 هجري لاءِ زڪوات جو نصاب 5 لک 3 هزار 529 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پهرين رمضان المبارڪ تي زڪوات جي ڪٽوتي ڪندي. حڪومت طرفان زڪوات اينڊ عشر آرڊيننس 1980ع تحت نصاب زڪوات جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق هلندڙ سال رمضان المبارڪ جي شروعات تي 5 لک 3 هزار 529 رپيا يا ان کان وڌيڪ رقم تي …
رمضان المبارڪ 1447 هجري لاءِ زڪوات جو نصاب 5 لک 3 هزار 529 رپيا مقرر

مزید خبریں
اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) رمضان المبارڪ 1447 هجري لاءِ زڪوات جو نصاب 5 لک 3 هزار 529 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پهرين رمضان المبارڪ تي زڪوات جي ڪٽوتي ڪندي. حڪومت طرفان زڪوات اينڊ عشر آرڊيننس 1980ع تحت نصاب زڪوات جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق هلندڙ سال رمضان المبارڪ جي شروعات تي 5 لک 3 هزار 529 رپيا يا ان کان وڌيڪ رقم تي زڪواٽ جي ڪٽوتي ڪئي ويندي. واضح رهي ته پرافٽ اينڊ لاس شيئرنگ اڪائونٽس يا ان طرح جي ٻئي منافعي کي حاصل ڪرڻ لاءِ کوليل اڪائونٽس مان اڍائي سيڪڙو جي حساب سان زڪوات جي ڪٽوتي ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ صارفين کي زڪوات جي ڪٽوتي کان ڇوٽ حاصل هوندي.











