وزيراعظم شهباز شريف پاران فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي بلوچستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري اداري کي خراج تحسين پيش

لنڊن – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي بلوچستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري اداري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ادارو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي …

لنڊن – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي بلوچستان جي دهشتگردي جي خاتمي واري اداري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ادارو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي 8 دهشتگردن کي مارڻ تي سي ٽي ڊي کي شاباس ڏني. هن دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ زخمي ٿيندڙ ٽن سي ٽي ڊي اهلڪارن جي صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چوڻ هو ته سي ٽي ڊي بلوچستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.