بنگلاديش ۾ مخالف ڌر جي قائد سان نهايت خوشگوار ۽ معنيٰ خيز ملاقات ٿي آهي:وفاقي وزير احسن اقبال

 ڍاڪا - 18 فيبروري(اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته بنگلاديش ۾ مخالف ڌر جي قائد سان نهايت خوشگوار ۽ معنيٰ خيز ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل احترام، علائقائي هم آهنگي، سماجي ۽ معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ايڪس تي وفاقي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطن ۽ اقتصادي تعاون کي …

 ڍاڪا – 18 فيبروري(اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته بنگلاديش ۾ مخالف ڌر جي قائد سان نهايت خوشگوار ۽ معنيٰ خيز ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل احترام، علائقائي هم آهنگي، سماجي ۽ معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ايڪس تي وفاقي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطن ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نيڪ خواهشن سان گڏ مخالف ڌر جي قائد کي پاڪستان جي دوري جي  دعوت به ڏني. احسن اقبال چيو ته ان ملاقات سندس شاگردي جي ڏينهن جي ياد تازي ڪري ڇڏي جڏهن هو يو اي اي ٽي لاهور ۾ اسلامي جميعت طلبه سان لاڳاپيل هو ۽ شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته اهو دور سکڻ، ڳالهين ۽ خدمت خلق جي شعور جي جوڙجڪ جو اهم مرحلو هو. هن بنگلاديش جي عوام جي محبت ۽ گرمجوشي کي ساراهيندي اميد ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطو ۽ گڏيل سهڪار مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندو، جيڪو خطي ۾ استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندو.