پاڪستان جي مالي ڪارڪردگي ۾ اهم اڳڀرائي، مالي سال 2026ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ 542 ارب روپين جو تاريخي سرپلس حاصل

اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي اثرائتي معاشي حڪمت عملي، مالي نظم و ضبط ۽ آمدني ۾ اضافي سبب پاڪستان مالي سال 2026ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ 542 ارب روپين جو تاريخي مالياتي سرپلس حاصل ڪري ورتو آهي. ايس آءِ ايف سي جي عملدارن موجب جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع دوران حڪومتي امدني ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ خرچن تي ڪنٽرول جي نتيجي ۾ …

اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي اثرائتي معاشي حڪمت عملي، مالي نظم و ضبط ۽ آمدني ۾ اضافي سبب پاڪستان مالي سال 2026ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ 542 ارب روپين جو تاريخي مالياتي سرپلس حاصل ڪري ورتو آهي. ايس آءِ ايف سي جي عملدارن موجب جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع دوران حڪومتي امدني ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ خرچن تي ڪنٽرول جي نتيجي ۾ مجموعي مالياتي توازن ۾ بهتري آئي. حڪومتي اختيارين موجب اهو سرپلس ملڪ ۾ معاشي استحڪام طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. انگن اکرن موجب ان عرصي دوران حڪومتي آمدني ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ ٽيڪس وصولي، پيٽروليم ليوي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي منافعي اهم ڪردار ادا ڪيو. غير ٽيڪس آمدني ۾ اضافي پڻ مالياتي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏني.