اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چين جي نئين سال جي شروعات تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي خير سگالي جي جذبي جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چين جي نئين سال جي موقعي تي چين جي عوام ۽ حڪومت کي دل جي گهرائين …
پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير جي چين جي نئين سال جي شروعات تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چين جي نئين سال جي شروعات تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي خير سگالي جي جذبي جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چين جي نئين سال جي موقعي تي چين جي عوام ۽ حڪومت کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو. دعا آهي ته نئون سال چين جي عظيم قوم لاءِ خوشحالي، امن ۽ ترقي وارو سال ثابت ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي يقين آهي ته ايندڙ سال دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن صدر شي جن پنگ جي قيادت جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته عالمي سطح تي چين جون شاندار ڪاميابيون سندس تعميري ڪردار جو سبب آهن.











