وفاقي ۽ صوبائي کاتا ڪچين آبادين جي حوالي سان تازيون ۽ جامع رپورٽون جمع ڪرائين: آئيني عدالت

اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت ڪچين آبادين بابت ڪيس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتن کي ان باري ۾ تازيون ۽ جامع رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت  قرار ڏنو ته ڪچين آبادين بابت درست ۽  تصديق ٿيل ڄاڻ جي فراهمي اثرائتي ۽ منصفاڻي …

اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت ڪچين آبادين بابت ڪيس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتن کي ان باري ۾ تازيون ۽ جامع رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت  قرار ڏنو ته ڪچين آبادين بابت درست ۽  تصديق ٿيل ڄاڻ جي فراهمي اثرائتي ۽ منصفاڻي فيصلي لاءِ ضروري آهي، انهي لاءِ سمورا ادارا مقرره وقت ۾ تازه انگ اکر ۽ اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.