وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

لنڊن – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گرمجوشي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿيندڙ ان ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي برڪتن واري مهيني رمضان جي آمد تي دلي مبارڪباد ڏني ۽ مسلمان امت جي لاءِ امن ۽ سڪون جي دعا ڪئي. …

لنڊن – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گرمجوشي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿيندڙ ان ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي برڪتن واري مهيني رمضان جي آمد تي دلي مبارڪباد ڏني ۽ مسلمان امت جي لاءِ امن ۽ سڪون جي دعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم وچ اوڀر ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ امن ۽ مفاهمت جي فروغ جي لاءِ شيخ تميم بن حمد الثاني جي سرپرستي ۾ قطر جي سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته خطي ۽ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.