اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق باجوڙ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن 12 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. اسپيڪر دهشتگردن جو حملو ناڪام …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران باجوڙ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق باجوڙ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن 12 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. اسپيڪر دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائيندي 11 بهادر جوانن جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اسپيڪر شهيدن جي جرئت ۽ بهادريءَ کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ قوم جي بهادر پُٽن جون لازوال قربانيون وِسارڻ جوڳيون ناهن، قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اسپيڪر دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل عام شهرين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ چيو ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. هن چيو ته قوم جي بهادر جوانن ۽ معصوم شهرين جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏيندسين، ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم متحد آهي. اسيپڪر الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار ڪٽنبن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.











