بي آءِ ايس پي پاران رمضان مهيني کان اڳ مختلف فليگ شپ پروگرامز جي وظيفن ۾ اضافي جو اعلان: بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي ”اي پي پي“ سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) رمضان مهيني کان اڳ پنهنجي مختلف فليگ شپ پروگرامز جي وظيفن ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ مستحق خاندانن کي ريليف ملندو. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ”اي پي پي“ کي خصوصي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته بينظير ڪفالت پروگرام جي ٽه ماهي …

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) رمضان مهيني کان اڳ پنهنجي مختلف فليگ شپ پروگرامز جي وظيفن ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ مستحق خاندانن کي ريليف ملندو. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ”اي پي پي“ کي خصوصي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته بينظير ڪفالت پروگرام جي ٽه ماهي قسط 13 هزار 500 رپين مان وڌائي 14 هزار 500 رپيا ڪئي وئي آهي. هڪ هزار رپيا اضافي سان نئين رقم جي ادائيگي رمضان مهيني ۾ ڪئي ويندي. هن ان قدم کي مستحقين جي لاءِ ”رمضان تحفو“ قرار ڏيندي چيو ته حڪومت زميني حقيقتن ۽ مهانگائي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي معاونت ۾ اضافو ڪري رهي آهي، اسان جو مقصد ڪمزور طبقن کي درپيش معاشي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ آهي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن چيو ته بينظير تعليمي وظيفي پروگرام ۾ پڻ 500 رپيا اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي، اهي ٻار جن جي اسڪول حاضري گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو هوندي انهن کي مشروط روڪ معاونت جي مد ۾ وڌايل وظيفو ڏنو ويندو ته جيئن تعليم جو تسلسل برقرار رکي سگهجي. اهڙي طرح بينظير نشونما پروگرام تحت پڻ 500 رپيا اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي، اهو پروگرام حاملا عورتن ۽ کير پياريندڙ مائرن کي غذائي سپليمنٽس ۽ مالي معاونت فراهم ڪري ٿو. سينيٽر روبينه خالد چيو ته صحتمند ماءُ ئي صحتمند نسل جي ضامن هوندي آهي ۽ هي پروگرام ٻارن ۾ غذائي کوٽ ۽ نشونما جي مسئلن جي تدارڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن مالي شموليت جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مستحق عورتن جا هڪ ڪروڙ بئنڪ اڪائونٽس کوليا ويا آهن جيڪا هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي. هن چيو ته نئين ڊيجيٽل نظام تحت مستحق عورتن کي بي آءِ ايس پي آفيسن ۽ مخصوص ڪئمپس تان مفت سِم ڪارڊز جاري ڪيا ويندا جيڪي ڊيجيٽل والٽس سان واڳيل هوندا، هر قسط جي ادائيگي تي عورتن کي ايس ايم ايس اطلاع ملندي ۽ اهي پنهنجي ضرورت موجب رقم ڪڍرائي سگهنديون. سينيٽر روبينه خالد ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي تعاون سان بي آءِ ايس پي پنهنجي 7 حصيدار بئنڪن جي وچ ۾ انٽر آپريبلٽي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، ان کان اڳ هر مستحق کي هڪ مخصوص بئنڪ ايجنٽ تائين محدود رکيو ويندو هو جڏهن ته نئين نظام تحت اهي ڪنهن به پارٽنر بئنڪ جي ويجهي يا اعتماد جوڳي ايجنٽ کان رقم وصول ڪري سگهنديون. هن ان تاثر کي رد ڪيو ته سماجي تحفظ جا پروگرام دارومدار کي فروغ ڏين ٿا. هن چيو ته اهي ماڻهو محنتي آهن پر آمدني ۽ خرچن ۾ توازن قائم نه ٿا رکي سگهن، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به سماجي تحفظ جو نظام موجود آهي ۽ بي آءِ ايس پي جو مقصد مستقل دارومدار نه پر وقتي سهارو فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن مستحقين باعزت طريقي سان اڳتي وڌي سگهن. هنرمندي جي فروغ جي حوالي سان هن هنرمند پروگرام جو ذڪر ڪيو جيڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي شروع ڪيو ويو. ان پروگرام تحت اٽڪل 1500 تربيت يافته ماڻهو جلد فارغ التحصيل ٿيندا جڏهن ته 5 هزار نئين شرڪت ڪندڙن کي مختلف ادارن جي تعاون سان مقامي ۽ عالمي منڊين موجب هنر سيکاريو پيو وڃي. سينيٽر روبينه خالد عوام کي اپيل ڪئي ته رمضان مهيني کي خدمت ۽ همدرديءَ جو مهينو بڻايو وڃي. هن چيو ته رمضان رڳو بُک اُڃ برداشت ڪرڻ جو نالو نه آهي پر منفي روين کي ختم ڪري ٻين سان ڀلائي ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. هن زور ڏنو ته خوشيون گهٽ وسيلن وارن ماڻهن سان ونڊڻ گهرجن ۽ ڪنهن جو حق نه دٻايو وڃي ته جيئن هي رمضان سڀني جي لاءِ آساني ۽ رحمت جو پيغام بڻجي سگهي.