نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور

ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ويانا ۾ منعقد پاڪستان – آسٽريا اعليٰ سطحي بزنس رائونڊ ٽيبل کي افتتاحي خطاب دوران ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب تقريب جو انعقاد آسٽريئين فيڊرل …

ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ويانا ۾ منعقد پاڪستان – آسٽريا اعليٰ سطحي بزنس رائونڊ ٽيبل کي افتتاحي خطاب دوران ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب تقريب جو انعقاد آسٽريئين فيڊرل اڪنامڪ چيمبر ۾ ٿيو ۽ ان جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪئي. فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي جيڪو پاڪستان – آسٽريا واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۾ جاري معاشي سڌارن ۽ ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪندي آسٽريا جي ٽيڪنيڪي مهارت ۽ پاڪستان جي متحرڪ منڊيءَ ۽ نوجوان افرادي قوت جي وچ ۾ فطري هم آهنگي جو پڻ ذڪر ڪيو. هن آسٽريا سان مضبوط حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ڪاروباري رابطن جي فروغ، اداراجاتي تعاون ۾ سگهه ۽ مسلسل سياسي رابطن جي ذريعي نه رڳو آسٽريا سان پر وسيع تر يورپي خطي ۾ پڻ ترقي، گڏيل رابطن ۽ ڊگهي مدي واري معاشري حصيداري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.