نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران ”انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن اينڊ آنڪولوجي لاهور ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي وچ ۾ تعاون جي مرڪز جي معاهدي“ تي صحيحون

ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ”انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن اينڊ آنڪولوجي (انمول) لاهور ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي وچ ۾ تعاون جي مرڪز جي معاهدي“ تي صحيحون ڪيون. پرڏيهي آفيس موجب ويانا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ هڪ خصوصي تقريب دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي …

ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ”انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن اينڊ آنڪولوجي (انمول) لاهور ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي وچ ۾ تعاون جي مرڪز جي معاهدي“ تي صحيحون ڪيون. پرڏيهي آفيس موجب ويانا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ هڪ خصوصي تقريب دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي صحيحون ڪيون. ڊائريڪٽر جنرل انمول کي آءِ اي اي اي تعاون مرڪز جي طور تي نامزد ڪندڙ هڪ تختي پيش ڪئي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي.