اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطين جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطح جي بريفنگ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 18 فيبروري تي نيويارڪ جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان اجلاس جي صدارت برطانيا جي پرڏيهي وزير سلامتي ڪائونسل جي صدر جي حيثيت سان ڪندي. بريفنگ دوران نائب وزيراعظم ۽ …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار فلسطين جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطح جي بريفنگ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 18 فيبروري تي نيويارڪ جو دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطين جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعليٰ سطح جي بريفنگ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 18 فيبروري تي نيويارڪ جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان اجلاس جي صدارت برطانيا جي پرڏيهي وزير سلامتي ڪائونسل جي صدر جي حيثيت سان ڪندي. بريفنگ دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطين تي پاڪستان جي اصولي ۽ مستقل موقف جو ورجاءُ ڪندو. هو اولهندي ڪناري تي پنهنجو ڪنٽرول وڌائڻ جي اسرائيل جي تازي غيرقانوني فيصلن جي پاڪستان پاران شديد مخالفت جو ورجاءُ ڪندو. غزه ۾ مستقل جنگبندي جي ضرورت، سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 تي مڪمل عملدرآمد، انساني امداد ۾ اضافي ۽ غزه جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي جلد شروعات تي زور ڏيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي ۽ علائقائي حصيدارن، بشمول ”گروپ آف ايٽ“ عرب ۽ اسلامي ملڪن ۽ آمريڪا سان پاڪستان جي مسلسل رابطن کي پڻ اجاگر ڪندو ته جيئن عالمي قانون موجب هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي حمايت ڪري سگهجي. ان امن جو مقصد فلسطيني عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، خودمختيار ۽ ٺوس فلسطيني رياست قائم ڪرڻ آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ان دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.











