صدر آصف علي زرداري پاران بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي فيصلائتي ڪاميابي ۽ بنگلاديش جو وزيراعظم چونڊجڻ تي طارق رحمان کي مبارڪون

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي فيصلائتي ڪاميابي ۽ بنگلاديش جو وزيراعظم چونڊجڻ تي طارق رحمان کي مبارڪباد ڏني آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عبوري حڪومت جي پرامن ۽ منصفاڻي چونڊن ۾ ڪردار کي ساراهيندي استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان – بنگلاديش لاڳاپن جي …

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي فيصلائتي ڪاميابي ۽ بنگلاديش جو وزيراعظم چونڊجڻ تي طارق رحمان کي مبارڪباد ڏني آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عبوري حڪومت جي پرامن ۽ منصفاڻي چونڊن ۾ ڪردار کي ساراهيندي استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان – بنگلاديش لاڳاپن جي مضبوط ٿيڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي.