باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جو حملو ناڪام، جوابي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد جهنم ڀيڙا، بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائجڻ سبب 11 جوان ۽ هڪ معصوم ٻار شهيد، 7 ڄڻا زخمي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -17 فيبروري (اي پي پي) ملڪ جي سيڪيورٽي فورسز باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جو حملو  ناڪام بڻائي ڇڏيو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ۽ بارود جي گاڏي ٽڪرائجڻ سبب چيڪ پوسٽ جو انفراسٽرڪچر ڊهڻ سبب 11 جوان ۽ هڪ معصوم ٻارڙي شهيد ۽ 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب 16 فيبروري 2026ع تي …

راولپنڊي -17 فيبروري (اي پي پي) ملڪ جي سيڪيورٽي فورسز باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جو حملو  ناڪام بڻائي ڇڏيو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ۽ بارود جي گاڏي ٽڪرائجڻ سبب چيڪ پوسٽ جو انفراسٽرڪچر ڊهڻ سبب 11 جوان ۽ هڪ معصوم ٻارڙي شهيد ۽ 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب 16 فيبروري 2026ع تي ضلع باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي ڀارتي سهولتڪار ۽ حمايت يافته فتنه الخوارج  جي دهشتگردن بزدلاڻو حملو ڪيو. حملو ڪندڙن چيڪ پوسٽ جي سيڪيورٽي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز انتهائي هوشياري ۽ عزم جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪ فوج جي بهادر جوانن پيشيواراڻي مهارت ۽ بي مثال جرئت سان جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ فرار ٿيندڙ خوارجين کي نشانو بڻائيندي 12 دهشگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو  ته ناڪامي ۽ مايوسي جي عالم ۾ حملو ڪندڙن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي حفاظتي ديوار سان ٽڪرائي. ڌماڪي جي شدت ايتري ته وڌيڪ هئي جو چيڪ پوسٽ جو انفراسٽرڪچر ڊهي ويو جنهن جي نتيجي ۾  11 بهادر سپوت پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ شهادت جو رتبو ماڻيو.  ڌماڪي سبب  چيڪ پوسٽ ويجهو واقع شهري آبادي جي گهرن کي به شديد نقصان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ معصوم ٻارڙي شهيد جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ڪنهن به ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ خوارجي جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وفاقي اپيڪس ڪميٽي جي نيشنل ايڪشن پلان تحت منظور ٿيو، ويزن ”عزم استحڪام“ تحت ملڪي ۽ پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردن جي ناسور کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اسان جي بهادر سپاهين ۽ معصوم شهرين جي انهن عظيم قربانين وطن جي دفاءَ لاءِ اسان جي پختي عزم کي وڌيڪ سگهه بخشي آهي.