ڪولمبو _ 17 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) چيئرمين محسن نقوي سريلنڪا جي صدر انوراڪمارا ڊسانائيڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستانين کي ويزه ۾ مشڪلاتن بابت اگاهه ڪيو. پاڪستاني اورسيز بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل رٽائرڊ فهيم العزيز به ان موقعي تي موجود هو. سريلنڪن صدر پاڪستاني گهرو وزير …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي سريلنڪا جي صدر سان ملاقات، پاڪستانين کي ويزه ۾ مشڪلاتن بابت آگاهي

مزید خبریں
ڪولمبو _ 17 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) چيئرمين محسن نقوي سريلنڪا جي صدر انوراڪمارا ڊسانائيڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستانين کي ويزه ۾ مشڪلاتن بابت اگاهه ڪيو. پاڪستاني اورسيز بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل رٽائرڊ فهيم العزيز به ان موقعي تي موجود هو. سريلنڪن صدر پاڪستاني گهرو وزير جي چوڻ تي ان معاملي جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي پاڪستانين کي سمورين لسٽن مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته سريلنڪا جو وزيراعظم جلد پاڪستان جي دوري تي پهچي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻڻ ملاقات دوران دهشتگردي جي روڪ ٿام ۽ منشيات جي روڪ ٿام ۽ فورسز جي گڏيل تربيت جي معاملن بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. محسن نقوي پاڪ -سريلنڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءَ سريلنڪا جي صدر جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان سريلنڪا جي صدر انوراڪمارا ڊسانائيڪي کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو دعوت نامو پهچايو . محسن نقوي ٽي – 20 ورلڊ ڪپ لاءِ شاندار انتظامن ۽ پاڪستاني وفد جي ميزباني تي سريلنڪا جي صدر جو شڪريه ادا ڪيو. سريلنڪا جي صدر پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ڪولمبو ۾ ٽي-20 ورلد ڪپ جو ڀارت سان ميچ کيڏڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو خصوصي طور شڪريو ادا ڪندي پاڪستان جي خيرسگالي جي جذبي کي ساراهيو.











