اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان، باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي هڪ ٻئي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي ۽ 12 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته وطن جي بهادر پٽن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو ۽ …
پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان پاران باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان، باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي هڪ ٻئي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي ۽ 12 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته وطن جي بهادر پٽن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو ۽ دهشتگردن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. هن چيو ته حملي ۾ شهيد ٿيل 11 جوان پوري قوم جي مٿي جا تاج آهن، جن جي قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. سينيٽر شيري رحمان، شهيدن جي درجن جي بلندي، مغفرت ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪندي چيو ته پوري قوم ڏک جي هن گهڙي ۾ شهيدن جي ڪٽبن سان گڏ آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بهادر عوام آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي پنهنجي ناڪام مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي.











