اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن دوران ملڪ ۾ پٽاٽي جي وڌيڪ پيداوار سبب پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ آبادگارن جي فائدن جو تحفظ ڪندي روانگي واپار وڌائڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي واضح ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاق ۽ پنجاب حڪومت جي اعليٰ عملدارن، وزيراعظم محمد شهباز …
ڄام ڪمال خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن دوران ملڪ ۾ پٽاٽي جي وڌيڪ پيداوار سبب پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ آبادگارن جي فائدن جو تحفظ ڪندي روانگي واپار وڌائڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي واضح ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاق ۽ پنجاب حڪومت جي اعليٰ عملدارن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واپار بابت ڪو آرڊينيٽر راڻا احسان افضل خان ۽ واپار بابت سيڪريٽري جواد پال به شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن تازي پيداواري لاڳت، مقامي منڊين جي حالت، روانگي واپار جي ڪارڪردگي ۽ لاجسٽڪ چئلنيجز جو جائزو ورتو. ڄام ڪمال خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اگهن ۾ گهٽتائي سبب سر پلس جو بنيادي اثر آبادگارن کي محسوس ٿي رهيو آهي ۽ انهي لاءِ ڪنهن به مددگار طريقيڪار کي مصنوعي اگهن جي مداخلت بدران آبادگارن کي سڌي ريت مدد کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اجلاس ۾ وچ ايشيا ۽ ٻين اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ روانگي واپار جي چٽاڀيٽي بهتر بڻائڻ تي به ڌيان ڏنو ويو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٽارگيٽڊ ۽ ٽائيم بانڊ فريٽ فيسليٽيشن ميڪانزم جو جائزو وٺي سگهجي ٿو جيڪو مالياتي فزيبلٽي ۽ واضح طور تي طي ٿيل معيار جي تابع آهي ته جيئن روانگي واپار ڪندڙن جي بگاڙ پيدا ڪرڻ کان سواءِ لاجسٽڪس جي وڌندڙ خرچن جو انتظام ڪرڻ ۾ مدد ملي. واپار واري وزير هدايت ڪئي ته خريدارن سان رابطن کي سگهه ڏيڻ ۽ روانگي واپار جي هنڌن کي وڌائڻ لاءِ وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ ايشيا پيسيفڪ مارڪيٽن سميت اهم هنڌن سان ڪاروبار ۽ ڪاروباري مصروفتين کي تيز ڪيو وڃي. هن وفاق ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ مربوط ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا سازي جي اهميت تي زور ڀريو. لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هڳو جديد ترين پيداوار، روانگي واپار ۽ لاجسٽڪس جي ڊيٽا کي ترتيب ڏين ته جيئن هڪ جامع تجويز تيار ڪري سگهجي. ڄام ڪمال خان عالمي مارڪيٽن ۾ چٽاڀيٽي برقرار رکندي زرعي شعبي م استحڪام يقيني بڻائيندي عملي ۽ متوازن پاليسي قدمن ذريعي آبادگارن ۽ روانگي واپار ڪندڙ ٻنهي جي مدد ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











