وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪي پي ڪي ۾ روڊن جي بندش خلاف درخواست داخل

اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت ۾ خيبر پختونخوا ۾ روڊن جي بندش خلاف شهري خواجه اظهر رشيد پاران آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾  موقف اختيار ڪيو ويو آهي، ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران روڊن جي بندش سبب ٽريفڪ جو نظام شديد متاثر ٿي رهيو آهي ۽ عوام کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون ٿي رهيون آهن. درخواست گذار موجب …

اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت ۾ خيبر پختونخوا ۾ روڊن جي بندش خلاف شهري خواجه اظهر رشيد پاران آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾  موقف اختيار ڪيو ويو آهي، ته ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران روڊن جي بندش سبب ٽريفڪ جو نظام شديد متاثر ٿي رهيو آهي ۽ عوام کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون ٿي رهيون آهن. درخواست گذار موجب روڊن جي بندش مسافرن، مريضن، شاگردن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ عدالتن تائين پهچ جي خواهشمند شهرين لاءِ سنگين مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. موقف ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ به روڊ بند رهيا ته صوبي کي شين جي ضرورت جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجندو.  درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته روڊن جي بندش سان صوبي ۾ چر پر متاثر ٿي رهي آهي ۽ بين الصبائي آمد رفت جي آزادي به محدود ٿي رهي آهي. درخواست گذار جي عدالت کي گذارش آهي ته 1973ع جي آئين تحت شهرين کي حاصل چر پر  جي آزادي کي يقيني بنائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سڄي صوبي ۾ فوري طور تي روڊن جي بندش ختم ڪرائي وڃي ۽ ان عمل کي غير آئيني قرار ڏنو ويو آهي. درخواست ۾ صوبائي حڪومت، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس ڪي پي ڪي کي ڌر بڻايو ويو آهي.