اسلام آباد-17 فيبروري(اي پي پي)حريت ليڊر ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ حريت ڪانفرنس جي اڳوڻي ڪنوينر سيد يوسف نسيم جي خراب صحت تي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته بيمار سيد يوسف نسيم لاءِ دعاگو آهيان ته الله تعالى کيس مڪمل ۽ جلد صحتيابي عطا فرمائي ۽ هو ٻيهر ڪشميري عوام جي خدمت لاءِ کيس قوت ۽ توانائي ڏي. مشعال ملڪ چيو ته …
مشعال ملڪ پاران حريت ڪانفرنس جي اڳوڻي ڪنوينر سيد يوسف نسيم جي خراب ٿيندڙ صحت تي همدردي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-17 فيبروري(اي پي پي)حريت ليڊر ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ حريت ڪانفرنس جي اڳوڻي ڪنوينر سيد يوسف نسيم جي خراب صحت تي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته بيمار سيد يوسف نسيم لاءِ دعاگو آهيان ته الله تعالى کيس مڪمل ۽ جلد صحتيابي عطا فرمائي ۽ هو ٻيهر ڪشميري عوام جي خدمت لاءِ کيس قوت ۽ توانائي ڏي. مشعال ملڪ چيو ته حريت ڪانفرنس جي ان بهادر ۽ بزرگ اڳواڻ جي خراب صحت اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي . هن چيو ته سموري قوم جون دعائون سيد يوسف نسيم سان گڏ آهن ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته هو جلد صحتياب ٿي پنهنجي مشن کي جاري رکندو.











