سينيٽ چيئرمين پاران بنون ۾ ٿاڻي ميريان ويجهو بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بنون ۾ ٿاڻي ميريان ويجهو ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. سينيٽ چيئرمين شهيدن جي درجن جي بلندي، سڳوارن لاءِ صبر …

اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بنون ۾ ٿاڻي ميريان ويجهو ٿيل بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. سينيٽ چيئرمين شهيدن جي درجن جي بلندي، سڳوارن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته دهشتگردي جي اهڙن بزدلاڻن واقعن سان قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين تي خراج تحسين پيش ڪندي امن امان جي قيام لاءِ سندن ڪوششن جي تعريف ڪئي.