واپڊا پاران درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 52 …

اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 ھزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 600 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 52 هزار 400 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 33 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 29 هزار 500 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 28 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج ۾ پاڻي جي آمد 6 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1482.42 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.326 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1189.20 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.605 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 643.20 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.091 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.