وزيراعظم شهباز شريف سان آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي ملاقات

ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينسر جي تشخيص ۽ علاج، نيوڪليئر پاور جنريشن ۽ صنعتي ايپلي ڪيشنز جهڙن شعبن ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي ذميواراڻي استعمال جي فروغ ۾ ائٽمي توانائي بابت عالمي ايجنسي جي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ويانا انٽرنيشنل سينٽر …

ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينسر جي تشخيص ۽ علاج، نيوڪليئر پاور جنريشن ۽ صنعتي ايپلي ڪيشنز جهڙن شعبن ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي ذميواراڻي استعمال جي فروغ ۾ ائٽمي توانائي بابت عالمي ايجنسي جي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ويانا انٽرنيشنل سينٽر (وي آءِ سي) ۾ ائٽمي توانائي جي عالمي اداري (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. وزيراعظم ڪينسر جي تشخيص ۽ علاج، زراعت، نيوڪيلئر پاور جنريشن ۽ صنعتي ايپلي ڪيشنز جهڙن شعبن ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي ذميواراڻي استعمال جي فروغ ۾ آءِ اي اي اي جي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان نه رڳو آءِ اي اي اي جي ٽيڪنيڪي تعاون پروگرام مان فائدو کڻي رهيو آهي پر پنهنجي ماهرن جي فراهمي ۽ آءِ اي اي اي جي ميمبر ملڪن جي لاءِ عالمي تربيت جي انعقاد جي ذريعي آءِ اي اي اي جي ڪم ۾ حصو وجهي رهيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل گروسي ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ پاڪستان جي تجربي ۽ مهارت ۽ ان جي انجنيئرز، سائنسدانن ۽ ٽيڪنيڪي ماهرن جي اعليٰ معيار جو اعتراف ڪيو. ٻين شين کانسواءِ هن ائٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي شعبن ۾ آءِ اي اي اي جي ڪم ۾ پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ آءِ اي اي اي جي ٻين ميمبر ملڪن جي مدد جي لاءِ هڪ موزون ملڪ آهي. هو مارچ 2026ع ۾ فرانس جي اهتمام هيٺ نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جو منتظر آهي. بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن اينڊ آنڪالوجي، لاهور کي آءِ اي اي اي جي تعاون جي مرڪز جي طور تي نامزد ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي پاران ترتيبوار نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ڊي جي گروسي معاهدي تي صحيحون ڪيون.