وزيراعظم شهباز شريف پاران باجوڙ ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران حملي جي ڪوشش جي مذمت

لنڊن – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 11 جوانن ۽ هڪ معصوم شهري جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي …

لنڊن – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 11 جوانن ۽ هڪ معصوم شهري جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جي 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. هن چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عزم جو پڻ اظهار ڪيو.