صدر آصف علي زرداري پاران باجوڙ ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو اولين ترجيح آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ شهيدن جي قرباني اسان جي عزم کي وڌيڪ مستحڪم ڪري …

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو اولين ترجيح آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ شهيدن جي قرباني اسان جي عزم کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٿي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ملڪ مان ٻاهرئين پٺڀرائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو اولين ترجيح آهي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.