صدر جي ترجمان پاران ڪم جي جڳهه تي عورتن کي هراسمينٽ جي تحفظ بابت وفاقي محتسب جي فيصلي بابت سوشل ميڊيا تي افواهن جي حوالي سان وضاحت

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر جي ترجمان هيلٿ سروسز اڪيڊمي بابت ڪارروائي ۽ ڪم جي جڳهه تي عورتن کي هراسمينٽ کان تحفظ جي وفاقي محتسب جي فيصلي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواهن جي حوالي سان وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قانون موجب هڪ نظرثاني درخواست ايوان صدر کي ملي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب وفاقي …

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر جي ترجمان هيلٿ سروسز اڪيڊمي بابت ڪارروائي ۽ ڪم جي جڳهه تي عورتن کي هراسمينٽ کان تحفظ جي وفاقي محتسب جي فيصلي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ افواهن جي حوالي سان وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قانون موجب هڪ نظرثاني درخواست ايوان صدر کي ملي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب وفاقي محتسب اداري سڌارا ايڪٽ 2013ع جي شق 14 (2) تحت اهڙي درخواست داخل ٿيڻ تي لاڳاپيل حڪم تي عملدرآمد 60 ڏينهن جي لاءِ خودڪار طور تي روڪيو وڃي ٿو. بيان موجب اها ڪارروائي قانون جي گهرجن تحت عمل ۾ آندي وڃي ٿي ۽ ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته لاڳاپيل ماڻهو کي الزامن کان آجو قرار ڏنو ويو آهي يا حتمي طور تي بحال ڪيو ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مڪمل سرڪاري رڪارڊ لاڳاپيل فورم کان طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن ان کي ڏسڻ کانپوءِ معاملو مجاز اٿارٽي آڏو قانون موجب فيصلي جي لاءِ پيش ڪري سگهجي. بيان موجب اها دعويٰ صحيح نه آهي ته جوابدار کي صدر پاران آجو قرار ڏنو ويو آهي يا ان کي حتمي ريليف ڏنو ويو آهي. معاملو جائزي هيٺ آهي ۽ ان جو فيصلو سختي سان قانون موجب ڪيو ويندو. صدر پاڪستان آئين ۽ ملڪي قانونن موجب ئي قدم کڻڻ جو پابند آهي. ترجمان چيو ته عوام ۽ ميڊيا کي گذارش آهي ته ان معاملي ۾ قياص آرائي کان پاسو ڪري.