غيرحل ٿيل سياسي تڪرار صورتحال کي بارود جي ڍير ۾ تبديل ڪري رهيا آهن، سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه تڪرار روڪڻ جو واحد ذريعو آهي، پائيدار ترقي کي عدل ۽ انصاف تي ٻڌل هجڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف

ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا کي درپيش عالمي بحرانن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته غيرحل ٿيل سياسي تڪرار صورتحال کي بارود جي ڍير ۾ تبديل ڪري رهيا آهن، سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه تڪرار روڪڻ جو واحد ذريعو آهي، پائيدار ترقي کي عدل ۽ انصاف تي ٻڌل هجڻ گهرجي، ان کانسواءِ عالمي امن سدائين جي لاءِ خواب ئي رهندو، گڏيل قومن کي اڳ …

ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا کي درپيش عالمي بحرانن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته غيرحل ٿيل سياسي تڪرار صورتحال کي بارود جي ڍير ۾ تبديل ڪري رهيا آهن، سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه تڪرار روڪڻ جو واحد ذريعو آهي، پائيدار ترقي کي عدل ۽ انصاف تي ٻڌل هجڻ گهرجي، ان کانسواءِ عالمي امن سدائين جي لاءِ خواب ئي رهندو، گڏيل قومن کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط، مناسب وسيلن سان ليس ۽ اصلاح شده ادارو بڻايو وڃي ته جيئن اهو عالمي تعاون جي مرڪزي ٿنڀ جي طور تي ڪم ڪندو رهي. هو گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ”پائيدار ترقي، عالمي امن ۽ خوشحالي جو رستو“ جي موضوع تي خصوصي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جي وچ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. انهن معاهدن ۾ ڪنٽري پارٽنرشپ پاڪستان بابت يو اين آءِ ڊي او پروگرام (2025ع کان 2030ع)، يو اين او ڊي سي ڪنٽري پروگرام پاڪستان ۽ انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن اينڊ آنڪالوجي لاهور (انمول) ۽ آءِ اي اي اي جي وچ ۾ تعاون جا معاهدا شامل آهن. خصوصي تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کانسواءِ ويانا ۾ موجود عالمي تنظيمن جي ڊائريڪٽر جرنلز ۽ سفارتي مشنز جي مستقل نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سندس جي لاءِ گڏيل قومن جي ويانا آفيس ۾ هن اجتماع کي خطاب اعزاز جي ڳالهه آهي، هي شهر ڊگهي عرصي کان سفارتڪاري، گهڻ رخي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي امن جي ڳولا جي علامت آهي. هن چيو ته اڄ اسان هڪ اهڙي لمحي ۾ گڏ ٿيا آهيون جيڪو عالمي تبديلي ۽ ڳنڀير نتيجا رکندڙ آهي، دنيا هن وقت ٻه واٽي تي بيٺل آهي ۽ اسان الجهيل بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان جي دور جو سڀ کان وڏو انديشو ڪو واحد خطرو نه آهي پر جاگرافيائي ۽ سياسي دشمنيون، موسمياتي بحران سميت ڪيترن ئي خطرن جو مجموعو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪيترائي عمل عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيا آهن، دنيا کي هڪ ئي وقت ڪيترائي بحران درپيش آهن، وڌندڙ عالمي آبادي تيزي سان اسان جي سياري جي محدود قدرتي وسيلن کي ختم ڪري رهي آهي، غيرحل ٿيل سياسي تڪرار ان صورتحال کي وڌيڪ وڌائي رهيا آهن ۽ ان کي بارود جي ڍير ۾ تبديل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته غربت، قرضن جو ڄار، وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ هجرت وڏو خطرو آهن جيڪي دنيا کي رهڻ جي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ جڳهه بڻائي رهيا آهن، پائيدار امن، جيڪو اسان جي دور جي بحرانن جو مقابلو ڪري سگهي، جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو پائيدار ترقي جو رستو آهي، هڪ اهڙي پائيدار ترقي جنهن ۾ ڪو پٺتي نه رهجي، اهو انسانيت جي لاءِ وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ترقي کي ان وقت تائين پائيدار نه ٿو چئي سگهجي جيستائين اها لکين ماڻهن کي بهتر زندگي جي ضمانت فراهم نه ڪري، ان جي لاءِ اسان کي هر صورت ۾ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻيون پونديون جنهن ۾ سڀني جي شموليت هجي، سماجي تحفظ فراهم هجي ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، اسان رڳو انهي صورت ۾ زندگي جي معيار کي بلند ڪري سگهون ٿا، اڻبرابري کي گهٽ ڪري سگهون ٿا ۽ اهڙن معاشرن جي تعمير ڪري سگهون ٿا جتي خوشحالي سڀني جي لاءِ هجي ۽ انساني وقار سڀ کان مٿانهون رهي. هن چيو ته پائيدار ترقي هڪ عالمي هدف آهي، اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته ان جو بار ۽ فائدا قومن ۾ برابر ورڇ نه ٿيا، اسرندڙ ملڪ سڄي دنيا ۾ ماحول جي لاءِ مضر گئسن جي اخراج ۾ سڀ کان گهٽ حصو وجهن ٿا پر موسمياتي تبديلين، قرضن جي پريشاني ۽ معاشي لاهن چاڙهن جي سڀ کان وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. هن ان سلسلي ۾ پاڪستان جو مثال ڏنو جيڪو موسمياتي بحران جي شدت ۾ ورتل آهي ۽ ان ۾ پاڪستان جي ڪا غلطي نه آهي پر اسان موسمياتي بحران جي مسلسل اثرن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم دنيا کي پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ياد ڏياري جنهن هزارين حياتيون کسي ورتيون، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل وهائي ڇڏيا ۽ لکين گهر تباهه ٿي زمين بوس ٿي ويا. هن چيو ته گذريل سال بدقسمتي سان ٻيهر ٻوڏ آئي ۽ اڳ کان به وڌيڪ تباهي ڪئي، اهي آفتون گهرن، فصلن ۽ بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نقصان جو سبب آهن ۽ انساني سلامتي کي ان جي پاڙ کان ئي کوکلو ڪري ڇڏي ٿي ان لاءِ پائيدار ترقي کي انصاف، عدل ۽ منصفاڻي طور طريقن تي ٻڌل هجڻ گهرجي، انهن اصولن کانسواءِ عالمي امن سدائين جي لاءِ خواب ئي رهندو. وزيراعظم چيو ته شديد چئلينجز جي باوجود پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن سان پختي طور تي واڳيل آهي، اسان پائيدار ترقي جي هدفن کي اهو تسليم ڪندي پنهنجي قومي ترقياتي منصوبابندي ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي ته معاشي ترقي سڀني جي لاءِ ذميواراڻي طرز معاشرت رکندڙ هجي، اسان جي ڌيان جو مرڪز انساني ترقي، تعليم، صحت جي سارسنڀال، غذائي تحفظ ۽ سماجي تحفظ آهي، خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن جي لاءِ جيڪي اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو ۽ مستقبل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪو هڪ وڏو موقعو هجڻ سان گڏوگڏ هڪ چئلينج به آهي. هن پاڪستان حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان ادارن کي مضبوط ڪري رهيا آهيون، ڊيجيٽل تبديلي کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، علائقائي رابطن کي سگهه ڏئي رهيا آهيون ته جيئن گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏنو وڃي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته پاڪستان مسلسل ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ گهڻ رخي تعاون جي وڪالت ڪئي آهي ڇو ته اهو تڪرار روڪڻ جو واحد عمل جوڳو ذريعو آهي، پاڪستان کي اڪثر جارحيت، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ اهم معاهدن جي خلاف ورزي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، گذريل سال ڏکڻ ايشيا هڪ وڏي ائٽمي تڪرار جي ويجهو هو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جو پاڙيسري سنڌو درياءَ جي پاڻي جي ورڇ جي نظام کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو هو جيڪو پاڪستان جي 24 ڪروڙ ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار جي ضمانت آهي. هن چيو ته اسان پائيدار ترقي جي هدفن جا پابند آهيون پر اسان کي هڪ تلخ سچائي تسليم ڪرڻي پوندي ته عالمي امن ۽ تعاون جي بنياد تي بيٺل گهڻ رخو نظام يقيني طور تي شديد دٻاءُ جو شڪار آهي، هاڻي گڏيل قومن کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط، مناسب وسيلن سان ليس ۽ جتي ضروري هجي اصلاح شده هجڻ گهرجي ته جيئن هي ادارو عالمي تعاون جي مرڪزي ٿنڀ جي طور تي ڪم ڪندو رهي. وزيراعظم چيو ته ويانا گڏيل قومن جي نظام ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو، هي عالمي گورننس جي اهم ٿنڀن جو گهر آهي جن ۾ دهشتگردي جي خلاف، منشيات جي خاتمي، ڏوهن جي روڪٿام، ڏوهاري انصاف جي سڌارن جهڙا اهم ٿنڀ شامل آهن، جڏهن ته هي صنعتي ترقي، ائٽمي ٽيڪنالاجي جي ذميواراڻي ۽ پرامن استعمال ۽ خلائي ادارن جو گهر آهي، انهي لاءِ پاڪستان آءِ اي اي اي، يو اين آءِ ڊي او، يو اين او ڊي سي ۽ ويانا ۾ موجود ٻين ادارن سان پنهنجي تعميري لاڳاپن جي تمام گهڻي قدر ڪري ٿو. اسان مڪمل طور تي انهن ادارن جي اختيار جي حمايت جا پابند آهيون. وزيراعظم چيو ته صلاحيتن کي نکارڻ، حصيداري علم ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ان ڳالهه جي لاءِ لازمي آهي ته جدت، امن ۽ خوشحالي جي پُل بڻجي نه ڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ ۽ عدم استحڪام جو ذريعو ثابت ٿئي، مصنوعي ذهانت، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي اهڙن طريقن سان لاڳو ڪرڻ گهرجي جيڪي سموري انسانيت جي لاءِ فائديمند هجن نه ڪي مراعت يافته ڪجهه طبقن جي لاءِ. هن چيو ته جيڪڏهن ڊيجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته جلد ئي هي پائيدار ترقي خليج بڻجي ويندي ان لاءِ اچو اسان دنيا جي زخمن کي فقط لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪريون پر انهن کي ختم ڪريون ڇو ته جڏهن اسان پنهنجي دور جون ترقياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيون ٿا ته اسان پنهنجي مستقبل جي امن کي وڏي خطري ۾ وجهون ٿا. ان موقعي تي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافائل ماريانو وزيراعظم جي شرڪت جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان سان اسان جي اهم حصيداري آهي جنهن کي اسان وڌيڪ وڌائي رهيا آهيون، ”ريس آف هوپ“ جي فليگ شپ منصوبي جي حوالي سان تعاون کي وڌيڪ وڌايو پيو وڃي، ڪينسر جي علاج جي شعبي ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، پاڪستان سان تعاون ماحولياتي تحفظ جي ٻين شعبن تائين پڻ پکڙيل آهي. هن چيو ته خوراڪ ۽ زراعت جي شعبي ۾ به تعاون ڪري رهيا آهيون، اسان جو تعاون ايندڙ دور ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ان موقعي تي يو اين او ڊي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر برانڊولينو چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم جي موجودگي اعزاز جوڳي آهي، هي ڪنهن به پاڪستاني وزيراعظم جو ويانا انٽرنيشنل سينٽر جو پهريون دورو آهي، پاڪستان جي گهڻ رخي نظام ۾ فعال شموليت جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان سان اسان جي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي جي حصيداري آهي، اسان گڏجي منشيات جي خاتمي، سرحدن جي سلامتي ۽ دهشتگردي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان منظم ڏوهن جي خلاف پاڪستان جي پهرين قومي حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهيون ته جيئن منشيات جي اسمگلنگ، انساني اسمگلنگ، سائبر ڪرائيم، ڪرپشن ۽ مالي ڏوهن جي خلاف تعاون کي مضبوط بڻائي سگهجي. ان موقعي تي يو اين آءِ ڊي او جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل يوڪايا سونگا چيو ته جامع ۽ پائيدار صنعتي ترقي عالمي ترقياتي ايجنڊا جو بنياد رکي ٿي، پاڪستان عالمي اهميت رکندڙ ملڪ آهي جنهن جي سڃاڻپ ان جو ماپو، متحرڪ نوجوان آبادي ۽ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ سان گڏوگڏ درپيش موسمياتي خطرن جي حوالي سان آهي. هن چيو ته پاڪستان سان اسان جي حصيداري اڌ صديءَ کان وڌيڪ تي ٻڌل آهي، پاڪستان ۾ يو اين آءِ ڊي او جو پورٽ فوليو 60 ملين کان وڌائي 200 ملين ڊالر ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي فائيو ايز فريم ورڪ جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.