اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي)آمريڪي ڊجيٽل بئنڪاري پليٽ فارم فيسٽ پاڪستان ۾ نالي واري تعميراتي ۽ صنعتي گروپ حبيب رفيق لميٽيڊ سان اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جو اعلان ڪندي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ باضابطه داخلا جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ رٿيل هڪ اعليٰ سطح جي تقريب ۾ سرڪاري ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه …
آمريڪي ڊجيٽل بئنڪاري پليٽ فارم فيسٽ جو پاڪستان ۾ حبيب رفيق لميٽيڊ سان اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جو اعلان، پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي)آمريڪي ڊجيٽل بئنڪاري پليٽ فارم فيسٽ پاڪستان ۾ نالي واري تعميراتي ۽ صنعتي گروپ حبيب رفيق لميٽيڊ سان اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جو اعلان ڪندي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ باضابطه داخلا جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ رٿيل هڪ اعليٰ سطح جي تقريب ۾ سرڪاري ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ نوجوان ۽ باصلاحيت افرادي قوت ملڪي معيشت کي نئون رُخ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته فري لانسرز کي محفوظ، شفاف ۽ اثرائتي مالياتي ڍانچي جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ان نوعيت جي ڀائيواري مالي شموليت ۽ عالمي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. سندس چوڻ هو ته هي منصوبو وزيراعظم جي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن سان هم آهنگ آهي. فيسٽ جي سي اي او محمد رافع حسين چيو ته پاڪستان هڪ متحرڪ ۽ بلند صلاحيت رکندڙ مارڪيٽ آهي ۽ اها ڀائيواري عالمي سرمائي کي پاڪستاني موقعن سان جوڙڻ ۾ مدد ڏيندي. هن ٻُڌايو ته عالمي ڪمپنيءَ جو عالمي هدف سڄي دنيا ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن کي پنهنجن اثاثن جو مالڪ بنائڻ آهي ۽ پاڪستان ان ويزن جو اهم هوندو. حبيب رفيق لميٽيڊ جي نمائندن جو چوڻ هو ته گروپ جي مضبوط انفراسٽرڪچر ۽ فيسٽ جي ڊجيٽل مهارت کي ڪتب آڻيندي هڪ شفاف ۽ رسائي جوڳي سيڙپڪاري نظام جوڙيو ويندو. معاهدي تحت اثاثن جي ٽوڪنائزيشن ذريعي ملڪ ۾ موجود تقريبن 1.5 ٽريلين ڊالرن جي ماليت جي ريئل اسٽيٽ ۽ ٻي مقامي اثاثن تائين سيڙپڪارن جي پهچ کي ممڪن بڻايو ويندو. ڀائيواريءَ تحت فري لانسرز لاءِ ريئل ٽائيم ۽ گهٽ لاڳت ادائگين جو نظام متعارف ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو ويو جڏهن ته بلاڪ چين ٽيڪنالاجيءَ ذريعي سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. تقريب ۾ ٻُڌايو ويو ته پاڪستان هن وقت دنيا جي چوٿين وڏي فري لانس معيشت بڻجي چڪو آهي ۽ مالي سال 25-2024ع ۾ فري لانس روانگي واپار جو ڳاڻيٽو تقريبن 70 ڪروڙ ڊالرز رهيو. مقرر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڊجيٽل فنانس پليٽ فارم لاءِ پاڪستان ۾ نمايان امڪان موجود آهن ۽ اها ڀائيواري اوورسيز پاڪستانين، فري لانسرز ۽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ شفاف ڊجيٽل سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪندو. مقررن موجب اهي قدم پاڪستان ۾ ڊجيٽل بئنڪاري ۽ سيڙپڪاريءَ جي نئين دؤر جي شروعات ثابت ٿيندو ۽ ملڪي معيشت کي عالمي مالياتي نظام سان وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ ڳنڍڻ ۾ مددگار بڻجندو.











